تازه ترين

سياسي ماحول ۽ جمهوري روايتن جي مضبوطي لاءِ سياسي پارٽيون هڪٻئي لاءِ گنجائش پيدا ڪن : مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي ماحول ۽ جمهوري روايتن جي مضبوطي لاءِ سياسي پارٽيون هڪٻئي لاءِ گنجائش پيدا ڪن، وقت اچي ويو  آهي ته سياستدان ۽ سياسي پارٽيون ڏاهپ جو مظاهرو ڪن.

جاري ڪيل بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته  اختلاف راءِ  باوجود  سياسي پارٽين کي گنجائش پيدا ڪرڻ گهرجي، سياسي ڏڦيڙ سان نه جمهوريت مضبوط ٿيندي نه ئي ملڪي مسئلا حل ٿيندا.

هن چيو ته سياسي پارٽين کي هڪٻئي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي، ان جو  فائدو ڪنهن هڪ نه پر سمورين سياسي پارٽين کي ٿيندو.

جي يو  آءِ سربراهه چيو ته سياستدان ڪنهن سان به اختلاف يا ڌار موقف رکي سگهي ٿو پر سياسي ڏڦيڙ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، جمهوريت جي مضبوطي ضد ۽ هوڏ نه پر جمهوري روين جي مضبوطي  سان ٿيندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان ۽ مسلمان امت ڏکيائين جو شڪار آهن، پاڪستان  جي مسئلن جو حل ڪنهن هڪ شخص يا پارٽيءَ وٽ ناهي.

هن چيو ته معاشي ترقي ۽ استحڪام سياسي ۽ اندروني استحڪام سان واڳيل آهي، هاڻي سياستدانن کي پاڻ سنڀالڻو پوندو، سڀني جي ماضيءَ جي خبر آهي پر هاڻي سياسي گنجائش واري فارمولي سان اڳتي وڌڻو پوندو…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون