تازه ترين

شفاف چونڊن لاءِ سمورين پارٽين کي برابريءَ جي بنياد تي موقعا ملڻ گهرجن : شفقت محمود

- Advertisement -
پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ سمورين پارٽين کي برابريءَ جي بنياد تي موقعا ملڻ گهرجن، پي ٽي آءِ کي برابريءَ جي بنياد تي موقعا نه پيا ملن، کين چونڊ مهم هلائڻ نه پئي ڏني وڃي ۽ ٻيون پارٽيون جلسا پيون ڪن. نگران حڪومت تحريڪ انصاف جي قيادت سان رابطو ڪيو آهي، سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگيءَ پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ شفقت محمود سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ، سياسي پارٽين لاءِ چونڊن ۾ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻ قومي سطح تي ڀائيچاري ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. شفقت محمود جو چوڻ هو ته شفاف چونڊن لاءِ سمورين پارٽين کي برابريءَ جي بنياد تي موقعا ملڻ گهرجن، پي ٽي آءِ کي برابريءَ جي بنياد تي موقعا نه پيا ملن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي آئين ۽ قانون تحت چونڊ مهم هلائڻ جي به اجازت ناهي، ٻين پارٽين کي جلسن جي کليل اجازت آهي. شفقت محمود چيو ته برابريءَ جي بنياد تي نه ٿيل چونڊون عوامي سطح تي ساک ۽ مقبوليت کان محروم رهنديون. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف آئين جي دائري ۾ رهي چونڊن ۾ هر ممڪن سهڪار ڪرائڻ لاءِ  تيار آهي. ان کانسواءِ صدر عارف علويءَ سان پي ٽي آءِ سيڪريٽري اطلاعات  رئوف حسن ۽ بئريسٽر عمير نيازيءَ به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
24 %
1.9kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون