- Advertisement -
پ پ اڳواڻ منظور حسين وساڻ جو چوڻ آهي ته سياسي ملاکڙو شروع ٿي چڪو آهي، 8 فيبروري تي مقابلو ڪري سوڀ ماڻيداسين.
جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته 2018 ع جي اليڪشن ۾ سازش تحت کيس اليڪشن کان ٻاهر ڪيو ويو، اثاثن جي آڙ ۾ سندس نامزدگي فارم رد ڪيو ويو.
هن چيو ته نئين سال ۾ نيون تبديليون اينديون، 10 ۽ 12 جنوري تي اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
پ پ اڳواڻ چيو ته متحده لنڊن جو سربراهه چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندو، جنهن ڪري ايم ڪيو ايم جا ووٽ به اسان کي ملندا.
هن چيو ته ن ليگ، جي يو آءِ ۽ايم ڪيو ايم جا گڏجي چونڊون وڙهڻ جا امڪان گهٽ آهن، پ پ ڪراچي مان وڌيڪ 8 کان 9 سيٽون کڻندي، ڪراچي جو سياسي ماحول تبديل ٿي چڪو آهي، پ پ کي وڌيڪ ڪاميابي ملندي.
پ پ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني چونڊن ۾ ظاهر نه ٿيو ته تڏهن به تحريڪ انصاف اليڪشن وڙهندي.
هن چيو ته پ پ پاران اڃا تائين اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري نه ڪرڻ سبب اميدوار وڌيڪ آهن ۽ووٽر به وڌيڪ آهن، ٽڪيٽن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
منظور وساڻ چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ باني کي آندو ويو، پر نوازشريف کي آڻن جي ڳالهه صحيح نه آهي.
هن چيو ته عدالت پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بيٽ کي بحال ڪيو آهي، چونڊون ملتوي به ٿي سگهن ٿيون، پي ٽي آءِ باني جي چونڊ وڙهڻ جا امڪان گهٽ آهن.- Advertisement -
