- Advertisement -
لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪيا ويا آهن.
لاهور جي تڪ اين اي 127 تي بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي ڪاغذن تي شهري محمد اياز پاران اعتراض داخل ڪرايا ويا آهن.
شهرين طرفان بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض واري درخواست ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي وئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز سان تعلق جو ظاهر ڪيو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين ڌار ڌار سياسي پارٽيون آهن.
درخواستگذار جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چونڊ نشان تلوار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جو چونڊ نشان تير آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پ پ جو چيئرمين ۽ آصف زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جو صدر آهي ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017 موجب، ڪو به شخص هڪ ئي وقت رڳو هڪ پارٽي جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، هي اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي.
شهري جي درخواست تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 28 ڊسمبر تي ٿيندي….- Advertisement -
