تازه ترين

سياسي پارٽين جا هڪٻئي سان رابطا ۽ ڳالهيون جمهوريت جو روح آهن : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سياسي پارٽين جا هڪٻئي سان رابطا ۽ ڳالهيون جمهوريت جو روح آهن، ڳالهين کان انڪار سان غير جمهوري رويو آهي جنهن سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. وزيراعظم شهبازشريف سان حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي ڪنوينر سينيٽر عرفان صديقيءَ ملاقات ڪئي. عرفان صديقيءَ وزيراعظم کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان کي هنگامن، ڇڪتاڻ  ۽ ٽڪراءُ نه پر مهاهمت توڙي ڀائيچاري جي ضرورت آهي. هن چيو ته گڏجي ويهڻ سان قومي معيشت جي تعمير ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن مسئلن بابت گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري  سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته الله جي ڪرم سان ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي به ان جي وقار ۾ اضافو پيو ٿئي. شهبازشريف چيو ته ڪنهن کي به غير جمهوري روين سان تعمير ۽ ترقي جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ نه  ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
7 %
1.1kmh
0 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون