- Advertisement -
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيني شهرين جي پوليس خلاف درخواست کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندڙ ٻه چيني شهري سيڙپڪار نه آهن، چيني شهرين کي عدالت سان رابطو ڪرڻ بدران قونصل جنرل ذريعي شڪايت ڪرڻ گهرجي ها.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ سرڪار چيني شهرين سميت سمورن پرڏيهين کي سڪيورٽي فراهم ڪندي آهي.
هن چيو ته سنڌ ايندڙ چيني شهرين بابت مرحلو هوندو آهي جيڪو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته چيني شهرين طرفان سنڌ هائيڪورٽ کي ڏنل درخواست قانوني طور درست ناهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته چيني شهرين کي قونصل جنرل يا وري پرڏيهي آفيس ۾ شڪايت ڪرڻ گهرجي ها.
هن چيو ته پوليس خلاف شڪايت ڪندڙ چيني شهري سيڙپڪار يا ڪنهن ڪمپني جا ملازم نه آهن.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته درخواست ڏيندڙ چيني شهري سيڪنڊ هينڊ سامان کپرو ڪندو آهي تنهن باوجود کين تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
