تازه ترين

سياسي پارٽيون اليڪشن مهم هلائي رهيون  آهن ۽ رياست ٻڏي رهي آهي: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽيون اليڪشن مهم هلائي رهيون  آهن ۽ رياست ٻڏي رهي آهي، موجوده حالتن تي تبصرو ڪرڻ تي چيو ويندو آهي ته مولانا چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو، هو اليڪشن کان ڊڄڻ وارا ناهن، ڪنهن مهمان کي لت هڻي ڪڍيو ويندو ته اهو پاڪستان جي تعريف نه ڪندو، غيرقانوني طور رهندڙ رڳو پشتون ناهن، جنهن جي کيسي ۾ ڪارڊ آهي، ان کي به پڪڙيو پيو وڃي.

پشاور ۾ سوشل ميڊيا ڪنويشن کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان کي اندريان ۽ ٻاهريان خطرا آهن، وقت سان گڏوگڏ معاملا  ڳمڀير ٿيندا پيا وڃن، ملڪ ۾ اڄ به آمريڪا جا وفادار  آهن جيڪي انهن لاءِ ڪم ڪن  پيا.

هن چيو ته سندس مخالف قيد ۾ هجي ۽ ان خلاف هو بيان  ڏي اهو نٿو ٿي سگهي،  هو چاهي ٿو ته مخالف جا هٿ به کليل هجن ۽ سمورا سياستدان جيل کان ٻاهر هجن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته جلسا هنن به ڪيا آهن پر قانون جي دائري ۾  رهيا.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته ملڪ بچائڻ جو سوچڻ گهرجي، افغانستان سان ٽڪراءُ وڌي رهيو آهي، چيو پيو وڃي ته غيرقانوني پرڏيهي ملڪ کان هليا وڃن، غيرقانوني طور رهندڙ رڳو پشتون ناهن، جنهن جي کيسي ۾ ڪارڊ آهي، ان کي به پڪڙيو پيو وڃي.

جي يو آءِ سربراهه چيوته ڪنهن مهمان کي لت هڻي ڪڍيو ويندو ته اهو پاڪستان جي تعريف نه ڪندو، هنن چيو هو ته افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفي ڪميشن قائم ڪئي وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته جڏهن به هو تبصرا ڪري ٿو ته چيو ويندو آهي ته هو اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو، هنن سياسي نقصان برداشت ڪيو پر غلط کي غلط چيو، سياسي پارٽيون اليڪشن مهم هلائي رهيون آهن ۽ رياست ٻڏي رهي آهي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪو بندوق کڻي ٿو ڏسڻو پوندو ته نتيجا ڇا  نڪرندا، عدم استحڪام سبب ملڪ ۾ سيڙپڪاري بند ٿي ويندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته  هو اليڪشن کان ڊڄڻ وارا ناهن، اولهه جي ملڪن جي لابي رياست خلاف ڪم ڪري رهي آهي، گلگت بلتستان جي حالتن بابت ڪنهن سوچو آهي؟

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون