آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردن ڪارروائي ڪئي آهي، دهشتگردن کي پرڏيهه مان مدد ڏني پئي وڃي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته سيالڪوٽ ۾ مسجد اندر فائرنگ ڪري 2 ڄڻا شهيد ڪيا ويا، واقعي واري هنڌ تان ثبوت هٿ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي جلد عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪرائيم سين مان تصديق ٿي آهي ته واقعي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن، پاڪستان ۾ هڪ دهشتگردي جو حملو ٿيو، جنهن جي رٿابندي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪئي وئي.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته پاڪستان تي ان کان اڳ به حملا ٿيندا رهيا آهن، پاڪستان جي ايجنسين 24 ڪلاڪن اندر واقعي جو پتو لڳايو، پاڪستان خلاف سازش ڪندڙن کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪرڻ وڃڻ پيا، پاڪستان تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، جن کي وائکو ڪيو ويو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻ کي عالمي قانونن کان مٿانهين سمجهندڙ بدمعاش ملڪ جي بدنام ايجنسي هڪ بزدلاڻو ۽ غير قانوني آپريشن ڪيو، هنن 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جي رٿابندي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
آءِ جي پنجاب چيو ته جيڪي ڪوئا پاڪستان خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن اهي تيار ٿي وڃن هو کين سڄي دنيا ۾ وائکو ڪرڻ وارا آهن.
ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته پاڪستان تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، سيالڪوٽ ۾ صبح جي وقت فائرنگ ڪري 2 ماڻهو شهيد ڪيا ويا، فوري طور تي جواب ڏنو، سندن ادارن کي اتان ثبوت مليا، فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ عداليا ۾ پيش ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هي آپريشن پاڪستان کان ٻاهر رٿيو ويو هو، هنن هڪ ماڻهو کي پاڪستان موڪليو، جنهن ڪجهه ماڻهن سان ملاقات ڪئي، سندن سڀني ادارن گڏجي ڪم شروع ڪيو، سمورن هنڌن تي هڪ ئي وقت ڇاپا هنيا ويا دشمن کي اتان پڪڙيو جتان کيس اندار ئي نه هو.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته قصور، سيالڪوٽ ۽ لاهور مان ماڻهن کي گرفتار ڪيو، هنن سي ڊي آر، جيو فينسنگ ۽ پولڪوم سان گڏجي ثبوت گڏ ڪيا.
آءِ جي پنجاب چيو ته ايندڙ پريس ڪانفرنس ۾ ثابت ڪندا ته سازشن پٺيان ڪهڙي شرارتي ملڪ جو هٿ آهي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، سي ٽي ڊي، آءِ بي ۽ ٻيا سمورا ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهن، پاڪستان جي رياست پنهنجي ايجنسين جي مدد سان سمورن دشمن عنصرن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي……..