تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه پرڏيهه ۾ ترسيل ملازمن کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏيندي صوبي ۾ وڌيڪ استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته پرڏيهه ويل استادن کي پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي، جيڪو پيش نه ٿيندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ساڍن ڇهن هزار استادن جي لسٽ موجود آهي، جيڪي فرار آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ جو هو ٿورائتو آهي، تعليم جي معاملي ۾ سڀ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهن ٿا.،
سيد سردار شاهه چيو ته ٻار غيرسياسي آهن، انهن جو ڪو به ڏوهه ناهي.
تعليم واري وزير چيوته سنڌ ۾ وڌيڪ استاد ڀرتي ڪيا ويندا، سائنس جي سبجيڪٽ جي استادن جي ضرورت آهي.