سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي بخش نه ڪيو ويندو، ڪچي ۾ پنجاب پوليس سان گڏ آپريشن ڪيو پيو وڃي:ضياءَ الحسن لنجار

- Advertisement -
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي بخش نه ڪيو ويندو،  ڪچي ۾ پنجاب پوليس سان گڏ آپريشن ڪيو پيو وڃي،  پاڻي گهٽ ٿيندي ئي آپريشن تيز ڪيو ويندو، نتاشا ڪيس ۾ هو ڪو به دٻاءُ قبول ڪندا، مخدوم جميل الزمان سندن ڀاءُ آهي، شاعري واري ڳالهه مذاق ۾ ڪئي هئي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمينن جي چونڊ ٿي آهي، پنجن ڪميٽين جا چيئرمين بعد ۾ چونڊيا ويندا. هن چيو ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪاررايون جاري آهن، پنجاب پوليس سان گڏجي آپريشن ڪيو پيو وڃي، پاڻي گهٽ ٿيندي ئي آپريشن تيز ڪيو ويندو. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته مخدوم جميل الزمان سندن ڀاءُ آهي، شاعري واري ڳالهه مذاق ۾ ڪئي هئي، سندس ڪوآرڊينيٽر جي گرفتاريءَ بابت کيس ڪا به خبر ناهي. گهرو وزير چيو ته نتاشا ڪيس ۾ ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
26%
2.4m/s
0%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون