- Advertisement -
سينيئر سياستدان، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو.
آغا سراج دراني 72ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
آغا سراج دراني جو فالج جي اٽيڪ سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو.
پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني مڪاني ادارن ۽ تعليم کاتي جو وزير پڻ رهيو.
سندس تڪ ڳڙهي ياسين ۾ سندس فوتگيءَ جي خبر پهچڻ تي ڏک جي لهر پکڙجي وئي.
صدر آصف علي زرداري طرفان سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته آغا سراج دراني جمهوري اقدار کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
صدر زرداري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ محروم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سينيئر سياستدان آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري سنڌ اسيمبلي جي اڳواڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي سندس ياسي ۽ عوامي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته آغا سراج دراني جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو مخلص، وفادار ۽ اصول پرست اڳواڻ هو.
سندس چوڻ هو ته آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي مضبوطي ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻين طرفان آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
