سينيئر سياستدان ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
سينيئر سياستدان، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو. الاهي بخش سومرو ڳچ عرصي کان بيمار هو، طبعيت خراب ٿيڻ سبب اڄ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. الاهي بخش سومرو جي جنازي نماز سڀاڻي هڪ وڳي ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي. الاهي بخش سومرو 15 مئي 1926ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو. الاهي بخش سومري اين ايِ ڊي يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگهري حاصل ڪئي، هو  ڪي ڊي ايَ جو ڊي جي پڻ رهي چڪو آهي. الاهي بخش سومرو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير پڻ رهيو آهي، کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو آهي. الاهي بخش سومري جو تعلق سياسي خاندان سان رهيو، جو والد مولا بخش سومرو ورهاڱي اڳ واري سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر  رهيو، سندس چاچو شهيد الهه بخش سومرو سنڌ جو وڏو وزير پڻ رهيو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون