بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس پاڪ- ڀارت لاڳاپن جي بهتري لاءِ پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر محمد يونس جو چوڻ آهي ته کيس لڳي ٿو ته هي سندن خطي جي مستقبل جو معاملو آهي، جيڪڏهن يورپي يونين تاريخي ورهاڱي باوجود اڳتي وڌي سگهن ٿا ته پوءِ هو اڳتي ڇو نٿا وڌي سگهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مسئلن جي باوجود ڏکڻ ايشيائي علائقائي سهڪاري تنظيم سارڪ کي فعال ڪري سگهجي ٿو، ڀارت پاڪستان سان ڪجهه معاملا معطل رکي باقي اڳتي وڌي سگهي ٿو، هو ان تي ڪم ڪندا.
بنگلاديش جي عبوري سربراهه جو چوڻ آهي ته ضروري ناهي ته مسئلا موجود هجن ته ان کي هميشه کي برقرار رکيو وڃي، مسئلي جو حل ڳولي سگهجي ٿو.
