سينيئر قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر اعتزاز احسن، پي ٽي آءِ بانيءَ کي صدر آصف علي زرداريءَ سان ملڻ جي صلاح ڏني آهي

- Advertisement -
سينيئر قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر اعتزاز احسن، پي ٽي آءِ بانيءَ کي صدر آصف علي زرداريءَ سان ملڻ جي صلاح ڏني آهي. لاهور هائيڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پي ٽي آءِ باني صدر آصف زرداريءَ سان ملي، سندس خيال آهي ته صدر زرداري، پي ٽي آءِ بانيءَ لاءِ ڪيترائي دروازا کولي سگهي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي هو جلد جيل کان ٻاهر ايندي نه ٿو ڏسي، هن پنهنجي لاءِ پاڻ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن، انسان جي نرم مزاج هجڻ گهرجي، ڪنهن سان نه ڳالهائڻ واري پاليسي پي ٽي آءِ کي نقصان ڏئي رهي آهي. اعتزاز احسن چيو ته هر ڪنهن سان ڳالهائڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ بانيءَ سخت پاليسي اختيار ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
11.7 ° C
11.7 °
11.7 °
43%
1.2m/s
43%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون