ڪلاڊياشينبام ميڪسيڪو جي صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي ملڪ جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي آهي.

- Advertisement -
ڪلاڊياشين بام ميڪسيڪو جي صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي ملڪ جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي آهي. ميڪسيڪو جي آفيشل اليڪٽرول اٿارٽيءَ موجب آچر ڏينهن ٿيل عام چونڊن جي شروعاتي نتيجن موجب ڪلاڊياشين بام 58 کان 60 سيڪڙو وُٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي رهي آهي. برطانوي ميڊيا جي پورٽ موجب شين بام کي پنهنجي ڪاروباري عورت حريف زوشل گلويز تي ٽيهه سيڪڙو ووٽن جي سرسي حاصل آهي. چونڊن ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ تي شين بام عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته هوءَ کين ناڪام ٿيڻ نه ڏيندي. شين بام توانائي جي شعبي سان تعلق رکندڙ سائنسدان آهي ۽ هوءَ  ميڪسيڪو سٽي جي ميئر به رهي چڪي آهي. شين بام پهرين آڪٽوبر 2024ع تي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندي ۽ ميڪسيڪو جي صدرات جو منصب سنڀاليندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
16%
2.4m/s
13%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون