تازه ترين

سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم ٿي ويو

بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي، صدر عارف علويءَ سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏي.

وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ نگران وزيراعظم جي مقرريءَ بابت صلاح مشورن جو ٻيو دور ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو ته سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سندس نالو هن ڏنو هو.

هن چيو ته انورالحق کي نگران وزيراعظم بڻائڻ واري فيصلي تي وزيراعظم صحيح ڪئي.

صدر عارف علويٰ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر  ڪرڻ واري سمري تي صحِيحي ڪئي.

ترجمان موجب صدر انوارالحق ڪاڪڙ جي نگران وزيراعظم طور مقرريءَ جي منظُري آرٽيڪل 224 ون ايَ تحت ڏني.

سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ڪاڪڙ ضلعي سان آهي، هن شروعاتي تعليم ڪوئيٽا کان حاصل ڪئي ۽ بعد اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن هليو ويو.

انوالحق ڪاڪڙ يونيورسٽي آف بلوچستان مان پوليٽيڪل سائنس ۽ سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪئي.

سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ ق ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا مان اليڪشن وڙهي پر کيس ڪاميابي نه ملي سگهي.

انوارالحق ڪاڪڙ 2013ع ۾ بلوچستان حڪومت جو ترجمان رهيو، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي ٺاهڻ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو.

بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر انور الحق ڪاڪڙ 2018ع ۾ سينيٽر چونڊيو ۽ هو سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون