تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم ٿي ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي، صدر عارف علويءَ سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏي.

وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ نگران وزيراعظم جي مقرريءَ بابت صلاح مشورن جو ٻيو دور ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو ته سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سندس نالو هن ڏنو هو.

هن چيو ته انورالحق کي نگران وزيراعظم بڻائڻ واري فيصلي تي وزيراعظم صحيح ڪئي.

صدر عارف علويٰ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر  ڪرڻ واري سمري تي صحِيحي ڪئي.

ترجمان موجب صدر انوارالحق ڪاڪڙ جي نگران وزيراعظم طور مقرريءَ جي منظُري آرٽيڪل 224 ون ايَ تحت ڏني.

سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ڪاڪڙ ضلعي سان آهي، هن شروعاتي تعليم ڪوئيٽا کان حاصل ڪئي ۽ بعد اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن هليو ويو.

انوالحق ڪاڪڙ يونيورسٽي آف بلوچستان مان پوليٽيڪل سائنس ۽ سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪئي.

سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ ق ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا مان اليڪشن وڙهي پر کيس ڪاميابي نه ملي سگهي.

انوارالحق ڪاڪڙ 2013ع ۾ بلوچستان حڪومت جو ترجمان رهيو، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي ٺاهڻ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو.

بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر انور الحق ڪاڪڙ 2018ع ۾ سينيٽر چونڊيو ۽ هو سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
13 %
2.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون