تازه ترين

سينيٽ جي ڇهن خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جا چار سينيٽر ڪامياب ٿيا ويا

سينيٽ جي ڇهن خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جا چار سينيٽر ڪامياب ٿيا ويا، جڏهن ته ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سينيٽر ڪامياب ٿيو آهي، اسلام آباد ۾ يوسف رضا گيلاني هڪ ڀيرو وري ميدان ماريو، سنڌ جون ٻئي سيٽون به پيپلزپارٽيءَ ٻهاري ورتيون، جڏهن ته بلوچستان ۾ پ پ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي.

سينيٽ جي ڇهن سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽيءَ چار، ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ کٽي ورتي آهي

سينيٽ لاءِ اسلام آباد جي هڪ سنڌ جي ٻن ۽ بلوچستان جي ٽن سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿي، پولنگ جو عمل صبح کان شام چئين وڳي تائين جاري رهيو.

اسلام آباد جي هڪ سيٽ تي پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي الياس مهربان وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران 301 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا.

پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 204 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو الياس مهربان 88 ووٽ کڻي سگهيو.

سنڌ ۾ سينيٽ جي ٻن جنرل سيٽن تي پ پ اميدوار ڄام سيف الله  ڌاريجو ۽ اسلم ابڙو ڪامياب ٿي ويا.

سينيٽ جي ٻن جنرل سيٽن لاءِ پ پ جي سيف الله ڌاريجي ۽ اسلم ابڙي جو سني  اتحاد ڪائونسل جي اميدوارن نذير الله ۽ شازيا سهيل سان مقابلو ٿيو.

سينيٽ جي ٻن جنرل سيٽن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ صبح اٺين وڳي کان شام چئين وڳي تائين پولنگ ٿي، آخري ووٽ مڪيش ڪمار چاولا ڏنو.

سنڌ اسيمبلي جي 161 مان 124 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، پ پ ايم پي ايز پنهنجي اميدوارن جي حق ۾ 115 ووٽ ڏنا، جن مان هڪ ووٽ خارج ڪيو ويو.

پ پ اميدوار ڄام سيف الله 58 ۽ محمد اسلم ابڙي 57 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.

سني اتحاد ڪائونسل جي مخالف اميدوار نذير الله ۽ شازيا سهيل کي 4-4 ووٽ مليا.

بلوچستان جي ٽن سينيٽ سيٽن تي اليڪشن ٿي، جنهن دوران 62 مان 61 ميمبرن ووٽ ڏنو.

پ پ جو قدوس بزنجو 23 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.

ٻي سيٽ تي ن ليگ جي دوستين ڊومڪي 17 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.

جي يو آءِ جو شڪور خان 16 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
50 %
6.1kmh
61 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون