سينٽرل آمريڪي ملڪ گوئٽي مالا ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 55 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گوئٽي مالا ۾ هڪ مسافر بس پل جي حفاظتي ڀت کي ٽوڙيندي 20 ميٽر گهري کاهي ۾ ڪري پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 55 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
بس ۾ 75 ماڻهو سوار هئا، فوتين ۾ 36 مرد ۽ 15 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمي مسافرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
فائر ڊپارٽمينٽ موجب بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪيترن ئي ننڍين گاڏين سان ٽڪرائڻ کانپوءِ کاهي ۾ وڃي ڪري.
سينٽرل آمريڪي ملڪ گوئٽي مالا ۾ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 55 مسافر فوت
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9
°
C
9
°
9
°
27%
2m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
15
°


