تازه ترين

سيپٽمبر 1965 جي هيرو محمد محمود عالم جي11هين ورسي ملهائي پئي وڃي

سيپٽمبر 1965 جي هيرو ۽ ڀارتي هوائي فوج کي ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياريندڙ ايئر ڪموڊور محمد محمود عالم جي 11هين ورسي ملهائي پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج ايئر ڪموڊور محمد محمود عالم کي ڀيٽا پيش ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايئر ڪموڊور محمد محمود عالم 1965ع جي جنگ ۾ هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ ڀارتي هوائي فوج جا 5 جيٽ جهاز تباهه ڪيا هئا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايئر ڪموڊور محمد محمود عالم طرفان هڪ منٽ کان به گهٽ پوقت ۾ 5 جهاز ڪيرائڻ جو شاندار رڪارڊ اڄ به گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ لکيل آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، جنگي هيرو کي 1965ع جي جنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ستاره جرئت سان نوازيو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قوم جو هيرو 18 مارچ 2013ع ۾ ڊگهي علالت بعد 78 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
39 %
5.6kmh
67 %
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون