- Advertisement -
سي ٽي ڊي پشاور شانگله آپگهاتي حملي ڪيس ۾ ملوث 10 کان وڌيڪ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ملوث اهم ڪمانڊر ۽ دهشتگرد نيٽورڪ بي نقاب ٿي ويو.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ملوث نيٽورڪ جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان آهي جڏهن ته آپگهاتي حملي آور افغانستان کان آيو هو.
سي ٽي ڊي ذريعن موجب، آپگهاتي بمبار کي افغانستان مان وٺي ايندڙ ڪمانڊر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ 4 سهولتڪار به شامل آهن.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته بارود سان ڀريل گاڏي افغانستان ۾ تيار ڪئي وئي هئي، جيڪا چمن جي رستي ڊي آءِ خان دره زنده تائين پهچائي وئي هئي، گاڏي کي دره زنده کان چڪدره تائين پهچائيندڙ ڊرائيور کي اڍائي لک رپيا ڪرايو ڏنو ويو هو.
ذريعن موجب آپگهاتي بمبار جي موبائل سم جي مدد سان اهم گرفتاريون ڪيون ويون، موبائل سم جنهن جي شخص جي نالي سان رجسٽرڊ هئي ان ٻئي ۽ ٻئي شخص آپگهات بمبار ڏني، حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي شانگلا ڀرسان پيٽرول پمپ تي 10 بيٺل رهي جتي هڪ ڏينهن پارڪنگ جو ڀاڙو 500 رپيا ڏنو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي جو ماسٽر مائينڊ بلال داسو ڊيم حملي ۾ به ملوث ۽ گھربل آهي، آپگهاتي بمبار جي 2 ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ بلال جي به جلد گرفتاري جو امڪان آهي…….- Advertisement -
