تازه ترين

سپريم ڪورٽ، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ محفوظ ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ محفوظ ڪري ورتي، چيف جسٽس جلد مختصر راءِ ٻڌائڻ جو اشارو آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني بئنچ ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالتي مددگار رضا رباني دليل ڏنا.

رضا رباني چيو ته جڏهن ڀٽي خلاف ڪيس هلايو ويو ان وقت لاهور هائيڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آئين تحت ڪم نه ڪيو، ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو هو، بنيادي انساني حق معطل هئا، مخالف ڌر ۽ حڪومت وچ ۾ نئين اليڪشن لاءِ معاملا طئه ٿي چڪا هئا.

چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪو معاهدو ٿي چڪو هو؟ رضا رباني چيو ته معاهدي تي صحيح ٿيڻي هئي پر مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، 24 جولاءِ کي ايف ايس ايف جي انسپيڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو، 25 ۽ 26 جولاءِ تي ڏوهه جي اعتراف وارا بيان اچي ويو، جسٽس اسلام رياض حسين هڪ ئي وقت سپريم ڪورٽ جو جج ۽ پنجاب جو وقتي گورنر به هئي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مارشل لا آرڊر تحت ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، مارشل لا دور ۾ ته گورنر به ٽرائل هلائي سگهي پيو.

رضا رباني چيو ته اهي ته بادشاهه هئا، مارشل لا ۾ جيڪو مرضي هجي ڪن، بيگم نصرت ڀٽو پ پ اڳواڻن جون گرفتاريون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيون، جسٽس يعقوب ان وقت چيف جسٽس هو، جيئن ئي هن درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي، کيس عهدي تان هٽائي جسٽس انوار الحق کي چيف جسٽس بڻايو ويو.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس ۾ مختصر راءِ به ڏئي سگهي ٿي؟ رضا رباني چيو ته عدالت ائين ڪري سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ مڪمل انصاف جي فراهمي لاءِ آرٽيڪل 187 جو استعمال به ڪري سگهي ٿي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن هن آرٽيڪل 187 جو استعمال ڪيو ته اهو راءِ بدران فيصلو ٿي ويندو، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اوهان ڦاهيءَ کانپوءِ منظرعام آيل تصعب جي حقيقتن جا تفصيل لکت ۾ ڏيو.

رضا رباني چيو ته مارشل لا ريگيوليشن تحت جج قسم هنيو هو، قسم مان آئين جو لفظ ڪڍيو ويو هو، ان وقت جج آئين تحت جج نه هئا، هائيڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آئين تحت ڪم نه پئي ڪيو ويو، ڀٽو ڪيس ۾ فيئر ٽرائل جي پراسس تي نه ٿيو.

چيف هسٽس چيو ته جنرل ضياءَ جو تصعب به موجود هو، احمد رضا قصوري تي حملن جا 1972ع کان 1976 تائين 6 ڪيس داخل ٿيا، جنهن ايف آءِ آر ۾ ڀٽي کي نامزد نه ڪيو ويو.

چيف جسٽس چيو ته هنن محمود مسعود بابت پڇيو هو؟

ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هو رڪارڊ ڳولي رهيا آهن، نادرا وٽ به پراڻو رڪارڊ موجود ناهي.

احمد رضا قصوريءَ دليل ڏيندي چيو ته ڀٽو ڪيس ۾ پرائيويٽ ڪمپلينٽ 1977ع ۾ داخل ڪرائي.

چيف جسٽس چيو ته قتل 1974ع ۾ ٿيو، اوهان ايڏو وقت ڇو لڳايو؟ احمد رضا قصوري چيو ته پهرين ڪيس بند ٿي ويو هو، چيف جسٽس پڇيو ته ڪيس ۾ گهڻو وقت اڳ بند ٿيو هو.

چيف جسٽس چيو ته اوهان جو خاندان سٺي اثر رسوخ وارا هو، اهڙو خاندان شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ دٻاءُ قبول ڪندو رهيو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان انڪوائري بند ٿيڻ جو آرڊر به چئلينج نه ڪيو هو؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل مختصر ديليل ۾ چيو ته ڀٽو ڪيس ۾ جاچ مئجسٽريٽ آرڊر سان بند ٿي وئي، ڪو به نئون جڊيشل آرڊر وٺڻ کانسواءِ جاچ ڪئي وئي، سمورو ٽرائل  قانون نه هو، ظاهري طور لڳي ٿو ته ان وقت سرڪار جي مداخلت موجود هئي.

جسٽس جمال چيو ته هاڻي اهڙي مداخلت ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟

دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي پنهنجي راءِ محفوظ ڪري ورتي.

چيف جسٽس چيو ته هڪ بئنچ ميمبر رٽائر ٿي رهيو آهي، هو پنهنجي مختصر راءِ ان کان اڳ ٻڌائيندا…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون