سپريم ڪورٽ آئيني ترميم خلاف درخواست اندازن تي ٻڌل قرار ڏيندي واپس ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ آئيني ترميم خلاف درخواست اندازن تي ٻڌل قرار ڏيندي واپس ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار تجويز ڪيل آئيني ترميم  خلاف درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي،  درخواست تي 8 اعتراض لاڳو ڪيا ويا. رجسٽرار آفيس موجب قانون اڃا تائين پارليامينٽ ۾ پيش به ناهي ٿيو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جو حق آهي ته اهي ڪو به بل منظور ڪن. اعتراض ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ ميمبرن کي ڌر نٿو بڻائي سگهجي، حڪمرانن کي قانونسازيءَ جو حق آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض ۾ چيو ته  پارليامينٽ تي قانون سازي ڪرڻ تي پابندي نٿي لاڳو ڪري سگهجي، آئيني ترميم خلاف درخواست اندازن تي ٻڌل آهي، بار ڪائونسل ايڪٽ تحت وڪيل ڌر نٿا بڻجي سگهن. اعتراض ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان اجازت وٺي ئي وڪيل ڌر بڻجي سگهن ٿا، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جو عبوري حڪم نامو سپريم ڪورٽ تي لازمي ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
13%
3.3m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون