پيپلزپارٽي کي عوام جي حمايت حاصل آهي، پ پ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي:نثار احمد کهڙي

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي عوام جي حمايت حاصل آهي، پ پ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪڏهن پارٽيون گڏجي احتجاج ڪن ته اهو عمل بيڪار آهي، سياسي پارٽين کي وقت تي جاڳڻ گهرجي ها. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ اسيمبلي مان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اتفاق راءِ سان ٺهراءُ پاس ٿي چڪو آهي، پيپلزپارٽي مسئلن کان لاتعلق ناهي، جيڪڏهن ڪا ترميم ڪئي ته اها نگران حڪومت ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته هاڻي اسيمبليون ٺهيون ته سنڌ اسيمبليءَ پنهنجو فرض ادا ڪيو، فصل پوکڻ کانپوءِ ڪجهه به نه ٿيندو آهي، جڏهن پاڻي نه هوندو ته واهه ڪڍندا سون ۽ پاڻي ڪٿان ايندو چوندا هئاسين ته تونسه کان گڊو تائين پمپنگ هئي سنڌ جو پاڻي چوري ٿيندو هو. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته ڇا وري سنڌ جو پاڻي چوري ٿيندو،  پاڻي اسٽاڪ جي جاءِ ناهي،  تربيلا کانسواءِ ٻيو ڪوبه ذخيرو ناهي، سندن وٽ پھريان پاڻي ناھي جڏهن پاڻي نه هوندو ته  وڌيڪ ڇهن ڪينالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. هن چيو ته بهتر آهي ته آئين کي ڏسندي آئيني عدالت ٺاهي وڃي، ججن جي واڌ ڪئي پئي وڃي ته مخالفت ڇو ڪريان؟ عدالتون آزاد آهن، جج آزاد آهن. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته عمر عطا بنديال، ثاقب نثار ۽ افتخار چوڌري لاءِ ماڻهو ڳالهائڻ لاءِ آزاد هئا، عدالتون آزاد هونديون ته جمهوريت مضبوط ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
23%
2.5m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون