سپريم ڪورٽ تڪبندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۾ تڪبدين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته تڪبنديون عوامي مفاد جو معاملو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهو معاملو اچي چڪو آهي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪبنديون شفاف طريقيڪار سان ڪري، سنڌ ۾ تڪبندين تي حساسيت آهي، اتي سدائين اها شڪايت ٿيندي آهي ته تڪبنديون ٺيڪ ناهن ٿيون.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪڏهن ڪرائي رهي آهي؟ جنهن تي ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن جواب نه ڏنو.
جسٽس عمر عطابنديال چيو ته مطلب اڃا تائين چونڊن جي ڪا به تاريخ طئه ناهي ٿي، اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ سمورا معاملا حل ڪري.
سپريم ڪورٽ تڪبندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو