- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو هر جج آزاد آهي، ججن تي تعميري تنقيد ٿيڻ گهرجي، اهو وقت گذري ويو جڏهن جج هڪٻئي خلاف هئا، هو پنهنجي راٰءِ ڪنهن تي مڙهيندو ناهي، وقت سان گڏ شيون بهتر ٿينديون، گوادر ۽ ڪوئيٽا جي دوري دوران گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن لوڏي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئشن جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران صحافين کي عدالتي ڪارروائي دوران آڏو ايندڙ ڏکيائين سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ جو هر جج آزاد آهي، ججن کي بريڪٽ نه ڪرڻ گهرجي، مٿن تنقيد به تعميري ٿيڻ گهرجي.
چيف جستس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سڌارن لاءِ قدم کنيا ويا آهن، هائيڪورٽ جي اٿارٽيءَ جو احترام آهي، ضلعي عدليا هائيڪورٽ جي ماتحت آهي.- Advertisement -
