تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياهه تي وڌيڪ نوان ڪئنال  ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن:شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ نوان ڪئنال  ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، ڪئنالن واري معاملي تي پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي، نئون سال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سال ثابت ٿيندو، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو اپريل يا مئي مهيني ۾ مڪمل ٿيندو، هلندڙ سال ئي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪرڻ جو منصوبو به شروع ڪندا. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتا تمام گهڻا آهن، جيترا ترجمان ايندا اوتر کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، ڪجهه گهٽ عقل وارا ماڻهو غلط خبرون پکيڙي رهيا آهن ته کيس سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي آڇ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ نوان ڪئنال  ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، ڪئنالن واري معاملي تي پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، هن وقت سڄي سنڌ ۾ روڊن جي تعمير ٿي رهي آهي، 2 ڏينهن اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افتتاح ڪيو. هن چيو ته نوجوان خيال سان روڊن تي گاڏيون هلائن ۽ اسپيڊ کان پاسو ڪن، ييلو لائن بي آر ٽي اپريل يا مئي ۾ مڪمل ٿي ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نئون سال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سال ثابت ٿيندو، سنڌ سرڪار جا هلندڙ ننڍا وڏا منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، هلندڙ سال ئي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون