تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هائيڪورٽ مقرري بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هي نظرثاني درخواست آهي، ڪيس کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل رياض حنيف چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو ڪيس به چاليهه ورهين بعد ٻڌو. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هي فورم سياسي تقريرن ۽ نه بيڪ بائٽنگ جو آهي، قانون کان نٿا هٽي سگهن، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان ڪاوڙ ۾ ڇو اچي رهيا آهيو؟، عدالت جي ڳالهه ٻڌو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان ڪيس ٻيهر کولڻ چاهيون ٿا؟، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل رياض حنيف چيو ته هو عدالت کي حقيقتون ٻڌائي رهيو آهي، سندس وٽ رڪارڊ ناهي پر بلوچستان مان گهرائي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون