تازه ترين

توشا خانا ٽو ڪيس: پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جون درخواستون خارج

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستون رد ڪندي سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ توشاخان ٽو ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد شاهه رخ ارجمند پهريان کان محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي عدالت ۾ موجود نه هئي. عدالت چيو ته تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي سومر ڏينهن فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. عدالت توشاخانا ٽو ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن تي فيصلو 8 نومبر تي محفوظ ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون