سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف سوشل ميڊيا مهم روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ججن خلاف سوشل ميڊيا مهم روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ورتي آهي. گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ ايَ سائبر ڪرائيم ونگ  جي آءِ ٽي جو ڪنوينر هوندو. نوٽيفڪيشن موجب آءِ بي، ايس آءِ ايس جا نمائندا، ڊي آءِ جي اسلام آباد ۽ پي ٽي ايَ جو نمائندو به جي آءِ ٽي ۾ شامل هوندا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي ۾ شامل آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ جو نمائندو ويهين گريڊ جو آفيسر هوندو. نوٽيفڪشن موجب جي آءِ ٽي جي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي ۽  مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سفارشون ڏيندي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف مهم هلائيندڙن جو پتو لڳائي مهم هلائيندڙ کي عدالت ۾ پيش ڪري چالان پيش ڪندي. نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي پندرهن ڏينهن اندر شروعاتي رپورٽ گهرو وزارت کي ڏيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
68%
3.5m/s
2%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون