- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بڻائڻ تي ڪم جاري آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز پي او ايف واه جو دورو ڪيو.
دوري دوران آرمي چيف کي پيداواري صلاحيتن ۽ هٿياربند فوج جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سميت ايڪسپورٽ صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پي او ايف پراڊڪٽس جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو، جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلر تحت مقامي طور ڊزائن ڪيل نوان هٿيار ۽ بارود شامل هئا.
آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي آرمي چيف پي او ايف کي پاڪستان جي اهم دفاعي صنعت بڻائي ملڪي سلامتي ۽ معيشت ۾ سندن ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
سندس چوڻ هو ته قومي ترقي جو رستو پي او ايف واه جهڙين صنعتن سان مقرر ٿئي ٿئي.
آرمي چيف چيو ته پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو، پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهو ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي آمد تي پي او ايف جي چيئرمين سندس آجيان ڪئي.- Advertisement -
