- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خط لکي هڪ ڀيرو ٻيهر خصوصي بئنچ ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته پهريان به لکيو هو ته ترميمي آرڊيننس تي فل ڪورٽ ويهڻ تائين هو خصوصي بئنچ جو حصو نه ٿيندو.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي نئون خط 23 آڪٽوبر تي لکيو، خط چيف جسٽس کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي سربراهه طور لکيو.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه مخصوص بينچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪندي چيو ته پهريان به لکيو هو ته ترميمي آرڊيننس تي فل ڪورٽ ويهڻ تائين هو خصوصي بئنچ جو حصو نه ٿيندو.
جسٽس منصور علي شاهه جي خط ۾سر ٿامس موري جو قول به لکيو ويو آهي.
جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته هو اقتدار ۾ رهندي اڪثر وساري ويهندا آهن ته هن ملڪ جا ماڻهو سندن اعمالن کي ڏسي رهيا آهن، تاريخ ڪڏهن به معاف ناهي ڪندي
- Advertisement -
