- Advertisement -
پاڪستان، پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت آمريڪي ڪانگريس جي صدر بائيڊن کي لکيل خط کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو صدر جوبائيڊن کي خط سفارتي قدرن ۽ رياستي لاڳاپن خلاف آهي، آمريڪي ڪانگريس جا خط پاڪستان جي سياسي صورتحال جي غلط اندازي تي ٻڌل آهن، پاڪستان برڪس جي ميمبرشپ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، روسي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان برڪس کي ميمبرشپ لاءِ درخواست ڏني آهي، پاڪستان کي برڪس اجلاس ۾ دعوت نه ڏني وئي، پاڪستان برڪس جو ميمبر ناهي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سموعه ۾ دولت مشترڪه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ملڪي ترقي لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڀريو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته حڪومت طرفان نوجوانن کي ليڊرشپ رولز جو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي، اسحاق ڊار خطاب دوران وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.
هن چيو ته ايس سي او اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ روسي وزيراعظم وچ ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿيون، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ڀارتي هم منصب وچ ۾ غير رسمي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪابه رسمي ملاقات ناهي ٿي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسرائيلي فوج غزا ۾ نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، آبادي وارن علائقن ۽ بنيادي ضرورتن کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهه آهي، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل جي حملن کي روڪي، اسرائيل کان جنگي ڏوهن جو حساب ورتو وڃي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن دستن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ۽ امن دستن خلاف ڪارروايون فوري روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو، ڪشميرين اڄ تائين ڀارتي قبضي کي قبول ناهي ڪيو- Advertisement -
