تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه گهرجي، هر جج جو ڪنهن نه ڪنهن پاسي لاڙو هوندو آهي، هاڻي اها قسمت آهي ته ڪنهن جو ڪيس ڪٿي لڳي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صحافيءَ سوال ڪيو ته راڻا ثناءُ الله چوي ٿو ته جيڪڏهن سمورن ججن جي عمر وڌائي وڃي ته اوهان  مدي ۾ واڌ تي متفق آهيو؟ چيف جسٽس جواب ڏنو ته راڻا ثناءُ الله صاحب کي سندس آڏو آندو وڃي، هڪ گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ، جسٽس منصور علي شاهه ۽ اٽارني جنرل موجود هئا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ان گڏجاڻيءَ راڻا ثناءُ الله موجود نه هو، ٻڌايو ويو ته سمورن چيف جسٽسز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وئي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته ٻين جي ڪري ڇڏيو ، هو قبول نه ڪندو، کيس ته سڀاڻي جي به خبر ناهي ته زنده هوندو يا نه؟ هڪ سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس ڇهن ججن جي خط وارو معاملو ڪميٽيءَ کي مقرر ڪرڻو آهي، جسٽس مسرت هلالي طبيعت خراب ٿيڻ سبب نه اچي رهي هئي، ان سبب بئنچ نه ٺهي سگهي. نئين عدالتي سال جي حدفن بابت سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته ڪيس مينيجمينٽ سسٽم ۾ بهتري آندي ويندي. ان کان اڳ فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته نون ڏينهن بعد کيس چيف جسٽس طور هڪ سال مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته سندس سڀ کان پهريون ڪم فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ هو، جيڪو چئن ورهين کان نه ٿيو هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عوامي اهميت وارن ڪيس کي سڌيءَ ريت نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جو مقصد عوام کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ هو. هن چيو ته هر اداري ۾ بهتريءَ جي گنجائش ٿي سگهي ٿي، ڏٺو وڃي ته اڳ کان بهتري ۽ شفافيت آئي آهي يا نه؟ اڳ بئنڇ ٺهندي هئي ته خبر پئجي ويندي هئي ته ڪهڙو فيصلو ايندو، هاڻي کيس ئي خبر ناهي هوندي ته کاٻيَ ساڄيَ ويٺل جج ڪهڙو فيصلو ڪندا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اڳ ڪاز لسٽ ۾ تبديليءَ جو اختيار چيف جسٽس جو هو ،هاڻي ڪاز لسٽ چيف جسٽس وٽ ناهي ايندي، ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جو اختيار رجسٽرار جو آهي. هن چيو ته هر جج جو ڪنهن نه ڪنهن پاسي لاڙو هوندو آهي، هاڻي اها ڪنهن جي قسمت آهي ته ڪنهن جو ڪيس ڪٿي لڳي ٿو. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي ڪيس هوندا آهن، جيترو ڳالهايو ويندو، ماڻهو اوتري ئي تنقيد ڪندا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ٻين جو احتساب ڪجي ۽ پنهنجو نه ڪيو وڃي ته قدر ناهي ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ججن اڪيلي سر ڪم نٿا ڪري سگهن، کين وڪيلن ۽ صحافين جي مدد جي ضرورت هوندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19 ° C
19 °
19 °
38 %
4.5kmh
24 %
سُومر
18 °
اڱارو
26 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون