تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

رئوف حسن ۽ ڀارتي تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري جي پاڪستان خلاف ڳالهه ٻولهه سامهون اچي وئي

- Advertisement -
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل رئوف حسن ۽ ڀارتي تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري جي پاڪستان خلاف ڳالهه ٻولهه سامهون اچي وئي آهي. پي ٽي آءِ باني جي رياست مخالف موقف کي پکيڙڻ ۾ هڪ وڌيڪ ڀارتي سهولتڪاري وائکي ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل رئوف حسن جي آمريڪي صحافي رائن گِرم، ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر، مائيڪل ڪوگل مين کانپوءِ پاڪستان مخالف ۽ اسپانسرڊ ڀارتي تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري سان واٽس ايپ ذريعي رابطن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. واٽس ايپ پيغام مان واضح ٿئي ٿو ته رئوف حسن پرڏيهي ۽ ڀارتي لابي پي ٽي آءِ باني جي رياست مخالف ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. ڀارتي  ايجنسي را اسپانسرڊ تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري رئوف حسن کان ڪشمير بابت هڪ مضمون جي تصديق لاءِ رابطو قائم ڪيو، جواب ۾ رئوف حسن فوج جي اعليٰ قيادت تي الزام هڻندي ڀارتي تجزئي نگار سان ملاقات جو اظهار ڪيو. رئوف حسن چيو ته جزوي طور تي درست آهي، باجوه مفاهمت جو خواهشمند هو، ان تي سڀاڻي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. راهول راءِ چوڌريءَ جواب ڏنو ته اڱاري تي منجهند ساڍي 3 وڳي ملون ٿا. ان ڳالهه ٻولهه مان صاف واضح ٿئي ٿوته ڀارتي صحافي، رئوف حسن کان پاڪ فوج مخالف ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارتي صحافيءَ چيو ته کيس ائين لڳي ٿو ته فوج امڪاني طور تي ان موقعي کي وڌيڪ اثرائتي نموني ڪنٽرول ڪرڻ طور استعمال ڪري رهي آهي، رئوف حسن  پاڪ فوج خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو ته هن وقت هو ٺيڪ آهي، پر ملڪ تيزيءَ سان افراتفري ۽ تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي. هتي اهو واضح ٿي رهيو آهي ته ڀارتي ڳجها ادارا ۽ ڀارتي ميڊيا پي ٽي آءِ  باني کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ سهولتڪاري فراهم ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
24 %
4.5kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون