تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نسلا ٽاور جي زمين وڪرو ڪري الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نسلا ٽاور جي زمين وڪرو ڪري الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ نسلا ٽاور متاثرن کي معاوضو ادا ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. متاثرن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نسلا ٽاور جو بلڊر فوت ٿي چڪو آهي ۽ اڃا تائين متاثرن کي معاوضو ناهي مليو. هن چيوته عدالت 44 متاثرن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت چيو ته نسلا ٽاور جا متاثر ملڪيت جي دستاويزي ثبوتن سان آفيشل اسائني سان رابطو ڪن. سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي پلاٽ جي مارڪيٽ ويليو بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ نسلا ٽاور جي زمين وڪرو ڪرڻ جو اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت نسلا ٽاور جي زمين وڪرو ڪري الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نيلامي ۾ لڳندڙ واڪ جي رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد ٻه سال اڳ شاهراهه فيصل تي قائم نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي انتظاميا مسلسل 69 ڏينهن ڪم ڪري پندرهن ماڙ عمارت کي ڊاهي ڇڏيو هو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون