- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جي خط واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ کان ڌار ٿي ويو آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان ججن جي خط واري معاملي تي پاڻمرادي نوٽيس جي پهرين ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو.
جسٽس يحيٰ آفريديءَ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ کان ڌار ٿيڻ سميت اضافي نوٽ به لکيو.
اختلافي نوٽ ۾ جسٽس يحيٰ چيو ته هائيڪورٽون آئين تحت آزاد عدالتون آهن، آرٽيڪل 184 ٿري هائيڪورٽن جي آزاديءَ تي استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پاڻمرادو نوٽيس سٺي نيت سان ورتو ويو پر پاڻمرادي نوٽيس سان هائيڪورٽن ۽ انهن جي چيف جسٽس جي آزاديءَ نقصان پهچي سگهي ٿو.
جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته ڇهن ججن طرفان خط ۾ اٿاريل معاملا سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ضابطا اخلاق ۾ ڏسڻ گهرجن، هو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ٻڌڻ واري بئنچ کان پاڻ کي ڌار ڪري ٿو…………- Advertisement -
