- Advertisement -
سپريم ڪورٽ طرفان ججن مٿان تنقيد ڪرڻ تي سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت نوٽيس جاري،
ٻن هفتن اندر جواب طلب، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ادارن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه هڪ منصوبا بندي تحت ڪيو ويو آهي،
مارشل لاءِ هڻندڙن جو ڪڏهن به دفاع نه ڪيو ويندو، ذوالفقار ڀٽو کي زنده نه ٿو ڪري سگهجي پر غلطي ته قبول ڪري سگهجي ٿي، ادارن ۾ نقص ٿي سگهي ٿو، ڪنهن جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تي عمل ڪري رهيا آهن،
معاشري ۾ گاريون ڏيندڙ شخص سڀ کان وڌيڪ ڪمزور هوندو آهي، مهذب معاشرن ۾ توهين عدالت قانون استعمال نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن هن ڪجهه غلط ڪيو آهي ته سزا ٻين ججن کي نه ٿي ڏئي سگهجي- Advertisement -
