- Advertisement -
نئون ڪوٽ ڀرسان 10 ورهين جي نينگري بيهوشي واري حالت ۾اسڪول مان هٿ آئي آهي، وارثن طرفان نينگريءِ سان زيادتي جي ڪوشش ۽ تشدد جو الزام لڳايو ويو.
نصرت آباد ۾ 10 ورهين جي جي فهميده خاصخيلي اسڪول جي ڪمري مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
متاثر نينگريءَ هوش اچڻ کانپوءِ ٻڌايو ته هوءَ دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ وئي ته رستي ۾ اڻڄاتل شخص کيس پڪڙي اسڪول ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، دانهون ڪرڻ تي ڌڪ هڻي بيهوش ڪيو.
متاثر نينگريءَ جي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري کي اغوا ڪرن بعد مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪري تشدد ڪيو ويو آهي واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي نئون ڪوٽ پوليس ٻڌايو ته نينگريءَ کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..- Advertisement -
