- Advertisement -
سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي وڪيل حامد خان ۽ فيصل صديقي روسٽرم تي اچي ويا.
درخواست ڏيندڙن آئيني ترميم خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل ڪئي ۽ وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته 26هين آئيني ترميم خلاف فل ڪورٽ جوڙي وڃي.
جسٽس جمال مندوخيل وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي اوهان جي خواهشن تحت فل ڪورٽ قائم نه ٿي ڪري سگهجي، آئيني بئنچ ۾ ججن جي نامزدگي جوڊيشل ڪميشن ڪندي آهي.
هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جن ججن کي آئيني بينچ لاءِ نامزد ڪيو اهي سڀ جج هن بينچ جو حصو آهن، ججن جي نامزدگي جوڊيشل ڪميشن ڪندي آهي، جڏهن ته ڪيس مقرر 3 رڪني ڪميٽي ڪندي آهي.
جسٽس محمد علي مظهر وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته فل ڪورٽ جي معاملي تي اوهان پاڻ مونجهاري جو شڪار آهيو، اوهان هن بينچ کي ئي فل ڪورٽ سمجهو.
وڪيلن اپيل ڪئي ته سپريم ڪورٽ ۾ موجود سمورن ججن جي فل ڪورٽ قائم ڪئي وڃي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ائين ممڪن ناهي، آئيني معاملو رڳو آئيني بينچ ئي ٻڌندي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئيني بينچ ۾ موجود سمورن ججن تي فل ڪورٽ ئي ٺاهي آهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته فل ڪورٽ جو معاملو چيف جسٽس وٽ ئي وڃي سگهي ٿو.
عدالت 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ ۽ عدالتي ڪارروائي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي درخواست تي به نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
