- Advertisement -
ملڪاڻي شريف ويجهو جِنُ ڪڍڻ بهاني جعلي ڀوپن نوجوان ناري کي تشدد جو نشانو بڻائي ڏنڀ ڏئي ماري وڌو.
ڳوٺ خدا بخش هيسباڻي ۾ ڀوپن 30 ورهين جي سنگيتا زال هريش ڪولهي جِنُ ڄاڻائي تشدد ڪرڻ بعد منهن تي ڏنڀ ڏنا، جنهن سبب هو فوت ٿي وئي.
ناري جي رڙين تي پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس ٻن ڀوپن کي گرفتار ڪري ناريءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ناري جي ڀاءُ وشرام ڪولھي، سندس امڙ دينا ۽ ناري جي مڙس تعلقي اسپتال ۾ صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ موجود ڀوپي ٻن ماڻھن سان گڏجي جن ڪڍڻ جي بھاني ڌيءَ کي ماري ظلم ڪيو آھي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
