تازه ترين

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت ۾ سويلين جو ٽرائل ڪالعدم قرار

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت ۾ سويلين جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ڪئي.

بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.

ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آخري آرڊر موجب اٽارني جنرل جا دليل هلي رهيا هئا، اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿي وڃن ته پوءِ ڪيس هلائڻ جو طريقيڪار ڏٺو ويندو.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هوته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل اس ڪيس جي فيصلي کان اڳ ئي شروع ڪيو ويو آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پهريان اٽارني جنرل کي دليل مڪمل ڪري پوءِ ٻين کي ٻڌو ويندو.

اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته هو آگاهه ڪندو ته 2015ع ۾ آئيني ترميم ذريعي فوجي عدالتون ڇو ٺاهيون ويون هيون، عدالت کي اهو به ٻڌايو ويندو ته هن وقت فوجي عدالتن لاءِ آئيني ترميم ڇو ضروري  ناهن.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ماضيءَ جي فوجي عدالتن ۾ جن جو ٽرائل ٿيو هو، اهي ڪير هئا؟ ڇا 2015ع جي جوابدار عام شهري هئا، پرڏيهي يا دهشتگرد؟

اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ٻڌاوي ته جوابدارن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ٻئي شامل هئا،  سال 2015ع ۾ جن جو ٽرائل ٿيو، انهن ۾ دهشتگردن جا سهولتڪار به شامل هئا.

هن چيو ته جوابدارن جو آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن ٽو ون ڊي تحت ٽرائل ڪيو ويندو.

اٽارني جنرل چيو ته 21هين آئيني ترميم ان لاءِ ڪئي وئي هئي ته دهشتگرد آرمي ايڪٽ جي دائري ۾ نه هئا، دهشتگردن جي فوجي ٽرائل لاءِ 21هين آئيني ترميم ڪئي وئي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته دهشتگردن جي ٽرائل  لاءِ ترميم ضروري هئي ته سويلين لاءِ ڇو نه؟ ڇا 21هين آئيني ترميم وقت به جوابدارن فوجي ٿاڪن تي حملو ڪيو هو؟

هن چيو ته جيڪو ٽرائل فوجي آفيسرن کي قبول ناهي، اهو ٻين جو ڪيئن ڪيو ويو؟

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته فوج ۾ نظم ضبط قانون سويلينز تي ڪيئن ٿيندو؟

دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو.

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالتي فيصلو چار هڪ جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو، جسٽس يحيٰ آفريديءَ  اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو.

جسٽس اعجا الاحسن مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عدالت هڪ جي ڀيٽ ۾ چئن ججن جي اڪثريت سان فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو.

فيصلي ۾ چيو ويو ته فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل نه ٿو ڪري سگهجي، 9 مئي جي 103 جوابدارن جو ڪيس ڪرمنل ڪورٽ ۾ هلي سگهي ٿو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون