- Advertisement -
سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا ۽ مصفطيٰ ڪمال توهين عدالت ڪيس اڪلائيندي ڪيس ۾ ٽي وي چئنل مالڪن جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي، جنهن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا توهين عدالت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ چار رڪني بئنچ ڪئي هئي.
ٻڌڻي دوران پيمرا، سنڌ ٽي وي نيوز، بول نيوز، ٽيلن نيوز، اب تڪ، آج نيوز، هم نيوز، جيو نيوز، ايَ آر واءِ، جي اين اين، دنيا نيوز، نِيو نيوز، ڊان نيوز، ايڪسپريس نيوز، سماءَ ٽي وي، ٽوئنٽي فور نيوز، نيوز ون، ايڪ نيوز، ڪيپٽل ٽي وي، جِي ٽي وي، پبلڪ ٽي وي، سيون نيوز، چينل فائيو، اي بي اين نيوز، ڪي ٽي اين نيوز، وسيب ٽي وي، آواز، ڌرتي، ٽائيم نيوز، ٽي وي ٽو ڊي، سچ نيوز، روز نيوز ۽ ڪوهه نور ٽي وي چئنلن طرفان غير مشروط معافي گهري وئي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل ٽي وي چئنل کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ۽ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو، ٽي وي چئنلن طرفان درخواستن ۾ غير مشروط معافي گهري وئي ۽ خاطري ڪرائي وئي ته مستقبل ۾ اهڙي غلطي نه ورجائي ويندي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو ته 28 جون جي عدالتي حڪم نامي بابت قرآني حڪمن جا پيراگراف به نشر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.
عدالت چيو ته اظهار ۽ ميڊيا آزادي کي انساني وقار ۽ گهر جي رازداري تي ترجيح نٿي ڏئي سگهجي.
سپريم ڪورٽ چيو ته اظهار جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزاديءَ جوجوش ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، اهو ڀلي جج يا عدالتون ئي ڇو نه هجن.
عدالت چيو ته قرآن جي آيت تحت ڪوڙو الزام مڙهڻ ڏوهه آهي، معاشري ۾ اختلاف ۽ نفاق پکڙجي چڪو آهي، اهو ماڻهن جي روين، خيالن ۽ عقيدن ۾ گهلي ويو آهي.
سپريم ڪورٽ چيو ته عدالت آگاهه آهي ته آرٽيڪل 19 اظهار جي آزادي ڏي ٿو پر قانون جي ماتحت به آهي، ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، آرٽيڪل 14 انساني عظمت کي يقيني بڻائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، حقيقتن ۽ سچائي کي نشر ڪندڙ آزاد ميڊيا جمهوريت لاءِ ضروري آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته غير مشروط معافي نامو ۽ عدالتي آبزرويشن کي نشر ڪرڻ جي خاطري تي شوڪاز نوٽيس واپس ورتا وڃن ٿا، عدالت سمجهي ٿي ته لاڳاپيل پريس، ميڊيا ادارن اندر خود احتسابي جو نظام واضح ڪيو وڃي ته ان سان ميڊيا جو وقار ۽ ساک بهتر ٿيندي.- Advertisement -
