تازه ترين

سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن تي نظرثاني جون درخواستون سيپٽمبر ۾ ختم ٿيندڙ موڪلن بعد مقرر ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن تي نظرثاني جون درخواستون سيپٽمبر ۾ ختم ٿيندڙ موڪلن بعد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽيءَ جي ارڙهن جولاءِ تي ٿيل 17هين اجلاس جا مٽنس جاري ڪيا ويا آهن. دستاويزن موجب اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي فيصلي تي نظرثانيءَ جو درخواستون مقرر ڪرڻ وارو معاملو بحث هيٺ آيو. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيو ته نظرثاني  رڳو اهي ئي تيرهن جج ٻڌي سگهن ٿا، جن مک ڪيس ٻڌو، ڪيس جو  تفصيلي فيصلو به جاري ناهي ٿيو. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي گرمين جي موڪلن بعد ٿيندي. ججن واري ڪميٽيءَ جي اڪثريت نظرثاني درخواستون گرمين جي موڪلن بعد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. دستاويزن موجب چيف جسٽس نظرثاني درخواستون موڪلن کانپوءِ مقرر ڪرڻ واري فيصلي سان اختلاف ڪيو، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر فوري نظرثاني درخواستون مقرر ڪرڻ خلاف راءِ ڏني. چيف جسٽس موقف اختيار ڪيو ته ماڻهن  جا آئيني حق سندن موڪلن کان وڌيڪ اهم آهن، ناانصافي ٿيندي جيڪڏهن اپيلن کي جلد ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر نه ڪيو وڃي. جسٽس منيب اختر چيو ته رولز موجب عدالتي سال سيپٽمبر جي ٻئي سومر تي شروع ٿيندو، چيف جسٽس پندرهن جولاءِ کان عدالتي موڪلن جو اعلان ڪيو. هن چيو ته موڪلون  ڪنهن به ضابطي موجب رد نه ٿيون ڪري سگهجن يا ڪميٽي توڙي چيف جسٽس به عدالتي موڪلون رد نه ٿو ڪري سگهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون