- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ حڪومت کي ڪنهن به فيصلي ۾ تڪڙ نه ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.
ذريعن موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار صدر آصف علي زرداريءَ سان اهم ملاقات ڪئي، اها ملاقات ايوان صدر ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي وفدن ۾ ملاقات بعد ٿي.
ملاقات ۾ اسحاق ڊار صدر آصف علي زرداريءَ کي ن ليگ جي صدر نوازشريف جو پيغام پهچايو.
ذريعن موجب صدر آصف علي زرداريءَ حڪومت کي ڪجهه صلاحون ڏنيون ۽ ڪنهن به فيصلي ۾ تڪڙ نه ڪرڻ تي زور ڀريو.
آصف علي زرداريءَ پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ تي به صلاح مشوري جي ڳالهه ڪئي.
صدر جو موقصف هو ته اهم سياسي فيصلن تي عمل کان اڳ انهن جا اثر به ڏٺا وڃن.
اسحاق ڊار صدر سان ٿيل ملاقات جي تفصيلن کان نوازشريف ۽ شهبازشريف کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
