تازه ترين

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي متاثرن جي درخواست تي ٻڌڻي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته ٻڌايو ته جناح ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت رينجرز جي ڏني وئي آهي، جڳهه خالي ڪري ڪنهن محفوظ هنڌن ڏانهن هليا وڃو، عوام تي حملا ٿيندا ۽ اوهان محفوظ رهو اهو ڪٿان جو قانون آهي؟ جيڪڏهن وڌيڪ ڊپ لڳي ٿو ته ڪٿي ريمورٽ ايريا ۾ وڃي ويهي رهو، سڪيورٽيءَ جي نالي تي روڊ بند نه ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي متاثرن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت  سنڌ حڪومت کي متاثرن جو معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جتي سرڪار انڪروچمينٽ ڪري ٿي اتي وڌيڪ سزا ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته نيول، رينجرز هيڊڪوارٽرز، گورنر ۽ وزراعليٰ هائوس جي فوٽ پاٿن تي قبضو ڇو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنيل چيو ته سڪيورٽي مسئلا آهن، بم حملا ٿيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جڳهه خالي ڪري ڪنهن محفوظ هنڌن ڏانهن هليا وڃن، عوام تي حملا ٿيندا ۽ اوهان محفوظ رهو اهو ڪٿان جو قانون آهي؟ چيف جسٽس چيو ته سندس اچڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ ٻاهران به روڊ بند هو، ٻڌايو رينجرز هيڊڪوارٽر ڪٿي ۽ فٽ پاٿ ڪٿي آهي؟ دنيا ۾ ڪٿي ائين ٿيندو آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ ڊپ لڳي ٿو ته ڪٿي ريمورٽ ايريا ۾ وڃي ويهي رهو، سڪيورٽيءَ جي نالي تي روڊ بند نه ڪيا وڃن. چيف جسٽس چيو ته هنڌ هنڌ  روڊ ٽٽل آهن،  پول ڪيرايا وڃن ٿا، روڊ  پٽيا وڃن ٿا، ٻڌايو ته جناح ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت رينجرز کي ڏنو ويو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن ته منع ڪيو هو ته سندس لاءِ روٽ نه لڳايو، آءِ جي کي چيو ته هاڻي روٽ لڳايو ويو ته توهين عدالت جو نوٽيس ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ڪهڙو طريقو آهي جو وي آءِ پي بڻجي گهمندا رهون؟ رينجرز هيڊڪوارٽر آڏو حددخليون ڇو نه پيون هٽايون وڃن؟  عام ماڻهن جا گهر ڊاهيا ويندا آهن، اهي حددخليون به هٽايو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته کين وڌيڪ  خطرو آهي، اوهان دهشتگرد پڪڙيو ٿا موت جي سزا اسان ڏيندا آهيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪنٽينر گورنر هائوس اندر رکو ٻاهر ڇو رکيا ويا آهن؟ جسٽس جمال مندوخيل چيوته اهڙو ڪم ڪريو ڪنهن سان عوام کي پريشاني نه ٿئي. چيف جسٽس چيو ته هو چوي ٿو ته سپريم ڪورٽ آڏو به ڪا انڪروچمينٽ آهي ته اها به هٽائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون