تازه ترين

سپريم ڪورٽ گجر نالي ڪيس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

سپريم ڪورٽ، گجر نالي ڪيس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر ۽ اورنگي نالي ڪيس ۾ وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي  درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

فيصل صديقي ايڊووڪيٽ چيو ته سپريم ڪورٽ 25 آڪٽوبر 2021ع ۾ آخري حڪم ڏنو.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پوءِ توهين عدالت جي درخواست هاڻي ڇو داخل ڪرائي وئي، فيصل صديقي چيو ته ٻه سال ٿي ويا پر هڪ به شخص گهر ناهي مليو.

جسٽس محمد علي مظهر  چيو ته سنڌ حڪومت ٻه سالن ۾ بحالي جو  پروگرام ڏنو، اوهان ته ٽي مهينا اڳ ئي  سپريم ڪورٽ اچي ويو آهيو.

فيصل صديقي چيو ته اڳ ان ڪري آيا، جو اڃا تائين هڪ ڪم به ناهي ٿيو، گهرن کانسواءِ ٻين سهولتون به ڏيڻيون هيون، سنڌ حڪومت کي اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻي هئي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا چيف سيڪريٽري جي ڪا رپورٽ پيش ٿي آهي؟ هاڻي ته وڏو وزير ڏينهن ٻن ۾ هليو ويندو.

عدالت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون