تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ گجر نالي ڪيس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ، گجر نالي ڪيس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر ۽ اورنگي نالي ڪيس ۾ وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي  درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

فيصل صديقي ايڊووڪيٽ چيو ته سپريم ڪورٽ 25 آڪٽوبر 2021ع ۾ آخري حڪم ڏنو.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پوءِ توهين عدالت جي درخواست هاڻي ڇو داخل ڪرائي وئي، فيصل صديقي چيو ته ٻه سال ٿي ويا پر هڪ به شخص گهر ناهي مليو.

جسٽس محمد علي مظهر  چيو ته سنڌ حڪومت ٻه سالن ۾ بحالي جو  پروگرام ڏنو، اوهان ته ٽي مهينا اڳ ئي  سپريم ڪورٽ اچي ويو آهيو.

فيصل صديقي چيو ته اڳ ان ڪري آيا، جو اڃا تائين هڪ ڪم به ناهي ٿيو، گهرن کانسواءِ ٻين سهولتون به ڏيڻيون هيون، سنڌ حڪومت کي اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻي هئي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا چيف سيڪريٽري جي ڪا رپورٽ پيش ٿي آهي؟ هاڻي ته وڏو وزير ڏينهن ٻن ۾ هليو ويندو.

عدالت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
12 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
26.5 ° C
26.5 °
26.5 °
16 %
4.9kmh
100 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون