تازه ترين

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي کي بحال ڪندي اليڪشن ڪميشن جي اسپيڪر کي معطل ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي ضابطي تحت 12 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو؟. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 12 پولنگ اسٽيشنن تي نظر رکي پر ٻين کي نظرانداز ڪيو. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن نه انڪوائري ڪئي ۽ نه ئي ڪو اصول ڏٺو، ڊي جي لا عدالت کي ٻڌايو ته جن 12 پولنگ اسٽيشنز تي وڌيڪ ٽرن آئوٽ جي درخواست ڪئي وئي رڳو انهن کي ڏٺو ويو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن کي سڄي تڪ جي ٻيهر انڪوائري ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري ها ته ماڻهن کي عدالت ۾ اچڻو نه پئي ها. سپريم ڪورٽ پي بي 51 چمن جي 12 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ سمورن اميدوارن جي رضامندي سان معاملو ٻيهر اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن سمورن اميدوارن کي ٻڌي 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪري. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن مخالف اميدوار اصغر خان اچڪزئي جي درخواست تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو هو، اليڪشن ڪميشن ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏيندي اسپيڪر جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو هو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عبدالخالق اچڪزئي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون