تازه ترين

سپريم ڪوٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس جو اڪثريتي ججن وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪوٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس جو اڪثريتي ججن وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان جي اختلافي نوٽن کي اڻوندڙ قرار ڏنو ويو آهي. اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻن ساٿي ججن جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان فيصلي سان اختلاف ڪيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ساٿي ججن جو 3 آگسٽ وارو اختلافي نوٽ ججن بابت مناسب ناهي، ٻنهي چيو ته اڪثريتي ججن جو فيصلو آئين موجب ناهي. اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر افغان جو عمل سپريم ڪورٽ جي ججن جي منصب جي ابتڙ  آهي. فيصلي موجب بئنچ ميمبرن طور حقيقتن ۽ قانون سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، ساٿي ججن جي راءِ مختلف به ٿي سگهي ٿي، هڪٻئي جي راءِ تي ڳالهائي به سگهجي ٿو پر جهڙيءَ ريت ٻن ججن اختلاف ڪيو، اهو مناسب ناهي. عدالت چيو ته وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته جج پنهنجي راءِ ڏيندي حدن اورانگهي ويا، ٻن ججن 80 ڪامياب اميدوارن کي وارننگ ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
33 %
2.9kmh
39 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون